ڪراچي: منشيات فروش 2 پوليس اهلڪار گرفتار

ڪراچي ۾ رينجرز 2 پوليس اهلڪارن کي منشيات وڪڻندي گرفتار ڪيو ويو.

ذريعن موجب سچل ٿاڻي جي ٻنهي اهلڪارن کان 8 ڪلو چرس هٿ ڪئي وئي آهي، اهلڪارن کي ٻه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته جاچ ۾ خبر پئي آهي ته هڪ وڌيڪ پوليس اهلڪار به واردات ۾ ملوث آهي اهو پوليس اهلڪار ڊي ايس پي جو مبينا گن مين هو جنهن کي گم ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سچل مان ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪندي 16 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو آهي، مبينا طور اڳوڻي ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي رشوت وٺي جوابدارن کي ڇڏي ڏنو،  هٿ ڪيل چرس مان 8 ڪلو مبينه طور وڪري ڪرڻ لاءِ اهلڪارن کي ڏني وئي آهي پر اهي رينجرز هٿان گرفتار ٿي ويا.

Read Previous

پي ايم ڊي اي جو معاملو: ميڊيا ڪميٽي ۽ سڌسماءَ جي وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي قائم

Read Next

آمريڪا ۽ برطانيا جو اسٽريليا کي جوهري آبدوز ڏيڻ جو فيصلو، چين جي مذمت

Most Popular