وفاقي حڪومت وزيراعظم عمران خان کي ٻاهرين ملڪن مان ملندڙ تحفن جا تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
حڪومت شهري کي وزيراعظم کي تحفن جا تفصيل ڏيڻ جو انفارميشن ڪميشن جو حڪم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.
ڪابينا ڊويزن جو موقف آهي ته تحفن جا تفصيل جاري ڪرڻ سان ميڊيا هائپ ۽ غير ضروري خبرون پکڙبيون، مختلف ملڪن سان لاڳاپا متاثر ۽ ملڪي وقار مجروح ٿيندو.