اردو کي سرڪاري ٻولي طور لاڳو نه ڪرڻ تي وفاقي حڪومت کان جواب طلب

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ اردو ٻولي کي سرڪاري طور لاڳو نه ڪرڻ تي وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو.

اردو کي سرڪاري ٻولي طور لاڳو نه ڪرڻ بابت توهين عدالت جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.

جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته مادري ۽ قومي ٻولي بنا اسان سڃاڻپ وڃائي ويهنداسين، منهنجي راءِ ۾ اسان کي فارسي ۽ عربي ٻوليون به سکڻ گهرجن.

عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ 2015 ۾ اردو کي سرڪاري ٻولي طور لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، وفاقي حڪومت اردو کي سرڪاري ٻولي طور لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.

Read Previous

ڪين وليمسن پاڪ – نيوزيلينڊ سيريز رد ٿيڻ کي شرمناڪ قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

حڪومت وزيراعظم کي ملندڙ تحفن جا تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Most Popular