سڪرنڊ :قومي شاھراھ تي صابوراھو اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪيري وين جو روڊ ڪراس ڪندڙ کي ٽڪر جنهن سب هُوٿڏي تي ئي فوت

سڪرنڊ رپورٽ سڪرنڊ کان ڏھ ڪلو ميٽر پري قومي شاھراھ تي صابوراھو اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪيري وين جو روڊ ڪراس ڪندڙ راھگير عبدالرئوف سونهارو کي ٽڪر جنهن سب هُوٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو واقعي جو اطلاع ملندي ئي ھمدرد فري ايمبولينس سروس جي ريسڪيو ٽيم حادثي واري هنڌ پهچي لاش تعلقه اسپتال سڪرنڊ پهچايو جتي ضروري ڪاغذي ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو فوتي عبدالرئوف سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ شھمير راھو جو ٻڌايو پئي ويو جنهن بعد سندس مڙھ کي همدرد فري ايمبولينس ذريعي ڳوٺ پهچايو ويو هوڏانهن فوتيءَ جي وارثن حادثي کي اتفاق قرار ڏئي ڪيري وين ڊرائيور کي بخش ڪري ڇڏيو

Read Previous

ڪشمور : گڊو ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ بار بار ٽرپنگ خلاف شهرين سياسي سماجي اڳواڻن احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي

Read Next

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تحت ھلندڙ باب العلم انگلش ميڊيئم اسڪول جي نئين بلڊنگ جو شاندار افتتاح ٿي گذريو

Most Popular