ڪشمور : گڊو ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ بار بار ٽرپنگ خلاف شهرين سياسي سماجي اڳواڻن احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي

ڪشمور (رپورٽ اعجاز احمد چنہ) گڊو ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ بار بار ٽرپنگ خلاف شهرين سياسي سماجي اڳواڻن احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي، مظاهرين پاران بجلي بجلي ڏيو جا نعرا هنيا ويا گڊو ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ بار بار ٽرپنگ خلاف شهرين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي،شھرين جي وڏو انگ احتجاجي ڪئمپ ۾ شرڪت ڪئي جتي بجلي ڏيو بجلي ڏيو جا نعرا هنيا ويا احتجاجي ڪئمپ جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گڊو ٿرمل مان پوري ملڪ ۾ بجلي جي سپلائي ڏني وڃي ٿي پر گڊو شھر کي ڪشمور جي گريڊ اسٽيشن مان بجلي جي سپلائي پئي وڃي شھر اندر 18 کان 20 ڪلاڪن جي طويل لوڊشيڊنگ شھر واسين کي ذھني مريض ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪاروبار پڻ ٺھپ ٿي ويو آهي، مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته گڊو شھر کي گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن مان بجلي ڏني وڃي ۽ گڊو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان فوري بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،

Read Previous

ڊپٽي ڪمشنر سجاول محمد اسماعيل ميمڻ سان س سان سورج سجاولي پريس ڪلب جي وفد جي ضلعي ۾ هلندڙ ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان ملاقات

Read Next

سڪرنڊ :قومي شاھراھ تي صابوراھو اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪيري وين جو روڊ ڪراس ڪندڙ کي ٽڪر جنهن سب هُوٿڏي تي ئي فوت

Most Popular