سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تحت ھلندڙ باب العلم انگلش ميڊيئم اسڪول جي نئين بلڊنگ جو شاندار افتتاح ٿي گذريو

ڳڙهي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري)سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تحت ھلندڙ باب العلم انگلش ميڊيئم اسڪول جي نئين بلڊنگ جو شاندار افتتاح ٿي گذريو جنهن ۾ مھمان خاص سان گڏوگڏ سياسي، سماجي ۽ صحافين سميت وڏي تعداد ۾ شھرين شرڪت ڪئي، تفصيل موجب سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تحت ھلندڙ باب العلم انگلش ميڊيئم اسڪول ڳڙهي خيرو جي نئين بلڊنگ جو شاندار افتتاح ٿي گذريو جنهن ۾ مھمان خاص سنڌ ايجوڪيشن جي ڊائريڪٽر عبدالجبار مري، اعزازي مهمانن شڪارپور جي ڊسٽرڪٽ انچارج صلاح دين اوستو ۽ ڊسٽرڪٽ قمبر شهدادڪوٽ جي انچارج شعيب احمد ۽ اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارن جي والدين سان گڏوگڏ شهر جي سياسي، سماجي ۽ صحافين سميت وڏي تعداد ۾ شھرين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي عبدالجبار مري، صلاح دين اوستو، شعيب احمد، باب العلم ميڊيئم انگلش اسڪول ڳڙهي خيرو جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مظفر علي کنڊ ۽ ٻين چيو ته اڄ ٻارن سان گڏ انھن جي والدين سميت شهرين جي ايڏي وڏي تعداد ڏسي ڪري اسان يقين سان چون ٿا ته اسان جي ننڍڙي ڪوشش رنگ لائڻ شروع ڪيو آهي ۽ اسان توهان سڀني شھر واسين ۽ علائقي واسين کي اھو ڀروسو ڏيڻ چاهيون ٿا ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۽ باب العلم ميڊيئم انگلش اسڪول بنا ڪنهن رنگ نسل جي ھڪ جھڙو معياري تعليمي سڀني کي فراهم ڪندي رهندي.

Read Previous

سڪرنڊ :قومي شاھراھ تي صابوراھو اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪيري وين جو روڊ ڪراس ڪندڙ کي ٽڪر جنهن سب هُوٿڏي تي ئي فوت

Read Next

بحريا ٽائون ڪيس: جلال محمود شاهه، رياض چانڊيو، قادر مگسي سميت ٻيا 27 ڪيسن مان آجا قرار

Most Popular