پاڪستان راندين، سياحت ۽ ڪاروباري سرگرمين لاءِ محفوظ آهي: آرمي چيف

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان هر قسم جي عالمي سياحت، راندين ۽ ڪاروباري سرگرمين لاءِ محفوظ آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان يونان جي سفير جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل معاملن، علائقائي سيڪيورٽي ۽ افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته پاڪستان پنهنجي عالمي ڀائيوارن سان گڏ خطي ۾ امن ۽ افغان عوام جي مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان گڏيل مفادن جي سڀني شعبن ۾ صحتمند ٻه طرفي ڏي وٺ جي حوصلا افزائي ڪيون ٿا.

Read Previous

نيوٽرل وينيو تي کيڏڻ کان ٺُپ جواب، اسان به ڪنهن جو لحاظ نه ڪنداسين: رميز راجا

Read Next

نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ سان سيريز نه ٿيڻ تي ڪروڙن جو نقصان، سخت ڪارروائي جو فيصلو

Most Popular