نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ سان سيريز نه ٿيڻ تي ڪروڙن جو نقصان، سخت ڪارروائي جو فيصلو

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جو پاڪستان دورو نه ڪرڻ هائبرڊ وار سان جڙيل آهي ۽ جيڪڏهن توهان ايبسليوٽلي ناٽ چوندئو ته پوءِ قيمت به ادا ڪرڻي پوندي آهي، ڳاٽ اوچو رکڻو آهي ته ان جي قيمت به آهي.

ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جا دورا ڪينسل ٿيڻ جو سبب ايبسليوٽلي ناٽ آهي، جيڪڏهن ملڪ جو ڳاٽ اوچو رکڻو آهي ۽ توهان ايبسليوٽلي ناٽ چوندئو ته پوءِ قيمت به ادا ڪرڻي پوندي، نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ سان ڪرڪيٽ سيريز ملتوي ٿيڻ سبب پي ٽي وي کي 25 ڪروڙن جو نقصان ٿيو پر ڪرڪيٽ سيريز ملتوي ٿيڻ تي سخت ڪارروائي ڪنداسين.

واضح رهي ته نيوزيلينڊ کانپوءِ گذريل ڏينهن انگلينڊ پڻ پاڪستان خلاف سيريز رد ڪرڻ جو باقاعدي طور اعلان ڪيو هو.

ورلڊ ڪپ کان اڳ انگلش ڪرڪيٽ ٽيم کي 14 ۽ 15 آڪٽوبر تي راولپنڊي ۾ پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏڻيون هيون پر نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جي فيصلي کانپوءِ اها اميد به دم ٽوڙي وئي.

Read Previous

پاڪستان راندين، سياحت ۽ ڪاروباري سرگرمين لاءِ محفوظ آهي: آرمي چيف

Read Next

باليووڊ سُندري تي تيزاب حملي جي ڪوشش، اداڪارا زخمي

Most Popular