نيوٽرل وينيو تي کيڏڻ کان ٺُپ جواب، اسان به ڪنهن جو لحاظ نه ڪنداسين: رميز راجا

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا واضح اعلان ڪيو آهي ته هاڻ پنهنجي ڪا به هوم سيريز کيڏڻ لاءِ نيوٽرل وينيو تي نه وينداسين.

ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي رميز راجا چيو ته اسان ڪنهن ميچ جو بائيڪاٽ نه ڪنداسين، اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته اسان سان ائين ڇو ڪيو ويو؟ پنهنجي خودداري ۽ ڪرڪيٽ لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا.

هن چيو ته اسان لاءِ هيل تائين سبق ئي سبق آهي، خبر پئجي رهي آهي ته ڪير دوست آهي، ڪير گڏ بيٺو آهي، اهي سڀ اسان وٽ هڪ مائينڊ سيٽ سان ايندا آهن، اسان کي ڊهڻو ناهي، گڏجي اڳتي وڌڻو آهي.

سندس موجب هاڻ ائين نه ٿيندو ته اهي پنهنجو مطلب ڪڍن ۽ هليا وڃن، نيوزيلينڊ کي ٿريٽ هو ته شيئر ڪري ها، هاڻ دبئي پهچڻ کانپوءِ ئي ٻڌائن، اسان کي پنهنجي پوزيشن جي حساب سان اننگز کيڏڻي آهي.

رميز راجا چيو ته نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ طرفان دورا رد ڪرڻ جا معاملا آءِ سي سي ۾ اٿارڻا آهن، ڪهڙو خطرو هو جو اهي اوچتو ڀڄي ويا، کين ٻڌائڻو پوندو، اسان جي جذبن جو قدر نه ڪيو ويو.

Read Previous

بحريا ٽائون ڪيس: جلال محمود شاهه، رياض چانڊيو، قادر مگسي سميت ٻيا 27 ڪيسن مان آجا قرار

Read Next

پاڪستان راندين، سياحت ۽ ڪاروباري سرگرمين لاءِ محفوظ آهي: آرمي چيف

Most Popular