سانگهڙ: ضلع ڄام شورو جو رھائشي جوڙو تحفظ جي لاءِ پريس ڪلب سانگهڙ پھتو

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) ضلع ڄام شورو جو رھائشي جوڙو تحفظ جي لاءِ پريس ڪلب سانگهڙ پھتو ان وقت پريمي انيلا ڌي غلام رسول ابڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئون با شعور حافظ َقران قرآن آھيان آئون پنهنجي مرضيءَ سان رضا خوشيءَ سان پنهنجي ويجهي رشتيدار رياض محمد ولد لکا ڏنو سان نوابشاه ڪورٽ نڪاح ڪيو آهي جيئن ته منھنجا مائٽ ھڪ اڻ پڙهيل سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي جيڪا مونکي پسند نه ھئي جنھن جي وجھ سان منھنجو والد ۽ منهنجو ڀاءُ نالي عبدالڪريم ۽ ٻه ماما منھنجي جان کان خطرو رسائڻ چاھين ٿا جيڪي ذاتي دشمن ٿي بيٺا آهن اسان ڪوڙا الزام ھڻي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاھي ٿا جنهن جو چوڻ آهي ته گھران سونا زيور ۽ روڪ رقم کڻي ويئي آهي جيڪو سراسر غلط آهي الزام آھن اسان اعلا عملدارن کي ڊي آئي جي نواب شاھ شہید بينظير آباد، وزير اعلي سنڌ، ۽ ايس ايس پي حيدرآباد، سانگهڙ کي مطالبو ٿا ڪريون ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ اسان ڪوڙا داخل نه ڪيا وڃن منهنجو ۽ منهنجي مڙس کي ڪوبه نقصان ٿيو ته ذميوار منھنجا مائٽ سمجھا وڃن ۽ بيان رڪارڊ تي رکيو وڃي جئين وقت سر ڪم اچي

Read Previous

لاڙڪاڻي : خانگي ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب 3 ٻارن جي امڙ فوت ٿي وئي

Read Next

”سڀ پئسو ٺاهڻ ۾ لڳل آهن، شيم آن سنڌ گورنمينٽ“

Most Popular