”سڀ پئسو ٺاهڻ ۾ لڳل آهن، شيم آن سنڌ گورنمينٽ“

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ڪراچي ۾ نالن جي ڀرپاسي حددخلين جي خاتمي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سنڌ حڪومت ۾ ڪجهه نه پيو ٿئي، سنڌ ۾ مٿي جي سور جهڙي صورتحال آهي، ورلڊ ڪپ جا ڪيترا منصوبا آهن پر ڪجهه نه پيو ٿئي، وزيرن ۽ باقي سڀني لاءِ فنڊ آهن، ٻيا سڀ معاملا هلي رهيا آهن رڳو عوام لاءِ پئسو ناهي.

چيف جسٽس چيو اهو سپريم ڪورٽ کي طئي ڪرڻو آهي ته پئسو ڪٿي خرچ ڪرڻو آهي، جيستائين متاثرن کي گهر نٿا ڏيو، کين وزيراعليٰ ۽ گورنر هائوس الاٽ ڪري ٿا ڇڏيون، جڏهن ته جن اهي زمينون الاٽ ڪيون، انهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي؟

ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سلمان طالب الدين چيو ته اهو 40 سال پراڻو مسئلو آهي، جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته توهان انتهائي غير ذميواراڻو بيان ڏئي رهيا آهيو، اهو ڪو طريقو ناهي، شيم آن سنڌ گورنمينٽ.

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته جنهن بلڊنگ کي کڻو ان جو حال بُرو آهي، روڊ ٽٽل آهن، ٻار مَرن، ڇا به ٿئي، انهن کي ڪجهه ناهي ڪرڻو، اهو حال سنڌ حڪومت جو ۽ اهو ئي وفاقي حڪومت جو به آهي، سڀ پئسو ٺاهڻ ۾ لڳل آهن، سياسي جهيڙا پنهنجي جاءِ تي پر ماڻهن جا ڪم ته ڪيو.

چيف جسٽس چيو ته سڄو ڪراچي گند ۾ ڀريل آهي، گٽر اٿلي رهيا آهن، ٿورڙي مينهن سان شهر ٻڏي ٿو وڃي، ڇا اهو ڪراچي شهر آهي؟ غير قانوني قبضا ۽ روڊ بدحال، ڪجهه ناهي ڪراچي ۾، اهو ته گاربيج نظر اچي رهيو آهي، شهر ائين هلايو ويندو آهي، ڪراچي ۾ هڪ انچ جو به ڪم ناهي ٿيو، اها آهي سنڌ حڪومت ۽ پوءِ چون ٿا پئسو ناهي.

Read Previous

سانگهڙ: ضلع ڄام شورو جو رھائشي جوڙو تحفظ جي لاءِ پريس ڪلب سانگهڙ پھتو

Read Next

نيوزيلينڊ جو دورو رد ڪرائڻ ۾ ڀارت ملوث نڪتو

Most Popular