لاڙڪاڻي : خانگي ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب 3 ٻارن جي امڙ فوت ٿي وئي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي شيخ زيد وومين اسپتال ۾ خانگي ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب 3 ٻارن جي امڙ ميروخان جي ڳوٺ دائم خان بروهي واسڻ ضميران خاتون زال محمد مبارڪ بروهي فوت ٿي وئي جتي فوتي عورت جي وارثن احتجاج پڻ ڪيو. ان موقعي تي فوتي عورت جي ڀاءُ بابر بروهي ٻڌايو ته اسان پنهنجي ڀيڻ کي ڪالهه نظر محلا ۾ قائم بينظير ميڊيڪل سينٽر ۾ ڊليوري لاءِ داخل ڪرايو. هن الزام لڳايو ته ڊاڪٽرن هزارين روپيا وٺي صحيح آپريشن نه ڪيو ۽ کيس شيخ زيد وومين اسپتال داخل ڪرائڻ جو چيو جنهن کي اسان کڻائي شيخ زيد وومين اسپتال جي آندو جتي هو فوت ٿي وئي آهي. هن چيو ته بينظير ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽرن غلط آپريشن ڪري ڀيڻ جي حياتي کسي ظلم ڪيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

ٿاڻوبولاخان جي خاصخيلي محله جي رھواسي پيرسن پيء ۽ ويڳي ماء ٻين گھر ڀاتين جو نافرمان پٽ جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو

Read Next

سانگهڙ: ضلع ڄام شورو جو رھائشي جوڙو تحفظ جي لاءِ پريس ڪلب سانگهڙ پھتو

Most Popular