نيوزيلينڊ جو دورو رد ڪرائڻ ۾ ڀارت ملوث نڪتو

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري نيوزيلينڊ طرفان پاڪستان دورو رد ڪرڻ تي حقيقتون سامهون آڻي ڇڏيون.

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري ٻڌايو ته مهمان ٽيم کي ڌمڪي واري پوسٽ ڀارت مان جنريٽ ٿي، هڪ اي ميل آءِ ڊي حمزا آفريدي نالي ٺاهي وئي، ان آءِ ڊي تان 15 منٽن کانپوءِ اي ميل ڪئي وئي، جنهن ڊوائس تان ڪيوي ٽيم کي اها اي ميل ڪئي وئي، اها ممبئي جي شهري اوم پرڪاش مشرا جي استعمال هيٺ هئي.

هن چيو ته جنهن ڊوائس تان اي ميل ڪئي وئي، ان ۾ 13 اي ميل آءِ ڊيز آهن، سڀ اي مليز انڊين فلم انڊسٽري ۽ ڊرامن جي نالن تي ٺاهيون ويون آهن، اي ميل وي پي اين لڳائي ڀارت مان موڪلي وئي هئي، وي پي اين جي لوڪيشن سنگاپور جي لڳائي وئي هئي ته جيئن ڀارت جي لوڪيشن خبر نه پئجي سگهي.

سندس موجب 19 آگسٽ تي احسان الله احسان جي نالي سان فيس بُڪ تي جعلي پوسٽ ذريعي نيوزيلينڊ جي ٽيم کي ٽارگيٽ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، سنڊي گارڊين ۾ نندن مشرا آرٽيڪل لکيو، نندن مشرا جي لنڪ امر الله صالح سان ملي ٿي.

فواد چوڌري چيو ته 24 آگسٽ تي مارٽن گپٽل جي گهرواري کي اي ميل ذريعي ڌمڪي ڏني وئي، اسان معاملي تي انٽرپول کان مدد گهري آهي، گهرو وزارت ان معاملي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، نيوزيلينڊ جي حڪومت کي گهرجي ته مليل ٿريٽ اسان سان شيئر ڪري.

Read Previous

”سڀ پئسو ٺاهڻ ۾ لڳل آهن، شيم آن سنڌ گورنمينٽ“

Read Next

حڪومت جو آءِ ايم ايف پروگرام سبب مهانگائي ۾ واڌ جو اعتراف

Most Popular