حڪومت جو آءِ ايم ايف پروگرام سبب مهانگائي ۾ واڌ جو اعتراف

ناڻي بابت وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پروگرام سبب مهانگائي ۾ واڌ ٿي، غريب عوام کي عام واهپي جي شين تي سڌي ريت سبسڊي فراهم ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته گيهه جي عالمي اگهن ۾ 50 سيڪڙو جو فرق آيو، جنهن کي اسان 30 سيڪڙو تي رکيو، ڪڻڪ جي اگهه ۾ ساڍا 13 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، پاڪستان ۾ پيٽرول 123 رپيا ۽ ڀارت ۾ 250 رپيا ليٽر آهي.

هن چيو ته گيهه تي سبسڊي ڏينداسين، درآمدي گيهه جي واڌو قيمتن جو بار حڪومت کڻندي، غريب عوام کي اسان عام واهپي جي شين تي سڌي ريت سبسڊي ڏينداسين، 4 ڪروڙ ماڻهن کي ڪيش سبسڊي ڏني ويندي.

سندس چوڻ هو ته مڊل مين 3 کان 4 سيڪڙو تائين پئسو ٺاهي رهيو آهي، عام واهپي جي شين ۾ ڪارٽيلائيزيشن تي سي سي پي ايڪشن وٺندي، فوڊ ڪنٽرول انسپيڪٽر جو نظام بحال ڪيو ويندو.

Read Previous

نيوزيلينڊ جو دورو رد ڪرائڻ ۾ ڀارت ملوث نڪتو

Read Next

پاڪ فضائيا جو تربيتي جهاز مردان ڀرسان ڪِري تباهه

Most Popular