پاڪ فضائيا جو تربيتي جهاز مردان ڀرسان ڪِري تباهه

پاڪ فضائيا جو ننڍو تربيتي جهاز مردان ڀرسان ڪِري تباهه ٿي ويو.

پاڪ فضائيا ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪستان ايئر فورس جو هڪ ننڍو تربيتي جهاز معمول جي تربيتي اڏام دوران مردان ڀرسان ڪِري تباهه ٿي ويو.

ترجمان ٻڌايو ته واقعي جا ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ ايئر هيڊ ڪوارٽرز هڪ اعليٰ سطحي بورڊ جوڙي ڇڏيو آهي.

Read Previous

حڪومت جو آءِ ايم ايف پروگرام سبب مهانگائي ۾ واڌ جو اعتراف

Read Next

وزن گهٽائڻ لاءِ مخصوص غذا ۽ ورزش ڪافي ناهي

Most Popular