وزن گهٽائڻ لاءِ مخصوص غذا ۽ ورزش ڪافي ناهي

گهڻي قدر ماڻهو پنهنجي وڌندڙ وزن جي ڪري پريشان هوندا آهن ۽ ان جي لاءِ گهڻي کان گهڻي ورزش ڪندا رهندا آهن ۽ کائڻ پيئڻ گهٽائي ڇڏيندا آهن پر پنهنجي ننڊ جي حوالي سان ڪو به ڌيان ناهن ڏيندا.

وزن وڌڻ جو سڌو سنئون تعلق انسان جي ننڊ سان هوندو آهي ڇو ته جيڪڏهن انسان پنهنجي ننڊ پوري ناهي ڪندو تڏهن به ان جو وزن وڌندو آهي ائين به ٿيندو آهي ته جيستائين ماڻهو جاڳندو رهندو آهي انکي بُک لڳندي آهي ۽ وزن وڌڻ جا امڪان به وڌندا ويندا آهن.

ان حوالي سان اوهائيو اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ هڪ تحقيق ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 20 هزار ماڻهن جي ڊيٽا استعمال ڪئي وئي ۽ ننڊ جو وقت ۽ کنڊ، سڻڀ، ڪيفين ۽ ڪاربوهائڊريٽس تي ٻڌل غذائي شين جي استعمال جي وچ ۾ لاڳاپن کي ڳوليو ويو.

تحقيق موجب گهٽ ننڊ يا مناسب ننڊ جو شڪار ماڻهو نمڪين ۽ مٺيون شيون واپرائڻ پسند ڪندا آهن، گهٽ ننڊ ڪرڻ وارا سڄي ڏينهن ۾ اهڙي غذائي شين مان ضرورت کان وڌيڪ ڪيلوريز جسم ۾ جذب ڪندا آهن.

Read Previous

پاڪ فضائيا جو تربيتي جهاز مردان ڀرسان ڪِري تباهه

Read Next

عالمي طاقتن سان جوهري ڳالهيون ٻيهر شروع ٿيڻ واريون آهن: ايران

Most Popular