سڪرنڊ شگرمل مان ٽن سالن کان جبري طور برطرف ڪيل ملازمن پريس ڪلب قاضي احمد آڏو برطرف ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

سڪرنڊ شگرمل مان ٽن سالن کان جبري طور برطرف ڪيل ملازمن ۽ جبري سڪرنڊ شگرمل ورڪ مين يونين جي برطرفي خلاف پريس ڪلب قاضي احمد آڏو برطرف ملازمن جو احتجاجي مظاهرو ۽ شگرمل انتظاميان جي ناجائزين خلاف سخت نعري بازي ڪئي انموقعي تي مظاهرين معشوق چانڊيو غلام قادر ڪيريو غلام حيدر انڙ غلام شبير ڪوري عبدالطيف کوسو جمن ڏاهري دلدار زرداري ادريس ڪنڀر ء ٻين دانھيندي چيو ته سڪرنڊ شگرمل انتطاميانہ ٽي سال اڳ بلاجواز ڪوڙا الزام لڳائي اسان کي جبري نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اسان جو ڏوھ اهو هيو ته اسان مزدورن جي حقن لاءِ آواز اٿاري جدوجهد شروع ڪئي، اسان مزدورن جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏنو مل انتظاميان جي ڪنھن به ڳٺ جوڙ ۾ نه آياسين. ته هنن مختلف حربا ھلائي اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان کي برطرف ڪري بيروزگار ڪيو ويو. هنن وڌيڪ چيو ته اسان مجبورن احتجاج ڪري رهيا آهيون ڇو جو اسان جا ٻچا بکن تي ويٺل آهن، هنن چيو ته جيسيتائين اسان کي بحال ڪري اسان جون پگهارون جاري نه ڪيون وينديون ايسيتائين پرامن احتجاج جاري رهندو هنن آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، ميڊم فريال ٽالپر وزيراعليٰ سنڌ ء ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته اسان کي نوڪرين تي بحال پگهارن شروع ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو

Read Previous

ماهرا خان ۽ مان 2 لونڊا آهيون: ڪبريٰ خان

Read Next

صالح پٽ لڳ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي ڏاڍين خلاف پريس ڪلب صالح پٽ آڏو احتجاج

Most Popular