صالح پٽ لڳ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي ڏاڍين خلاف پريس ڪلب صالح پٽ آڏو احتجاج

صالح پٽ (رپورٽ غلام علي ملاح) صالح پٽ لڳ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي ڏاڍين خلاف پريس ڪلب صالح پٽ آڏو احتجاجبا اثرن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي متاثرقبضو ب اسان جي زمين تي ۽ ڌمڪيون ب اسان کي ڏئيرھيا آهن ڳوٺاڻا اسان کي مسجد ۾ نماز پڙھڻ کان ب روڪيو ويو آهي متاثرخبر موجب صالح پٽ لڳ ڳوٺ موالي ملاح (گگڙو ) جي رھواسين غلام قاسم ملاح ـ نازل ملاح ـ انور ملاح ـ غلام مرتضا ملاح ـ حبدار علي ملاح۽ ٻين پريس ڪلب صالح پٽ آڏو احتجاج ڪندي دانھيو ت بااثر ذاڪر رند ـ لطيف ڏنو رند ـ ڪرم حسين رند ۽ ٻين اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ھڪ ت ڪيترن ئي سالن کان اسان جي زرعي زمين سروي نمبر 417 ايراضي 3 ايڪڙ 39 ويسا ديھ گگڙو ۾ آهي جنهن تي با اثر غاصبانو قبضو ڄمايو ويٺاآھن ان کان علاوه اسان جو ڳوٺ ۾ پلاٽ آهي جيڪو اسان اسڪول جي بلڊنگ لاء ڏنو ھيو ان تي ب قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آهن ھنن وڌيڪ اھو ب ٻڌايو ت اسان درگاھ جي مسجد ۾ با جماعت نماز پڙھندا آھيون ليڪن مذڪورا با اثرن مسجد ۾ نماز پڙھڻ کان روڪي ڇڏيو آهي مطلب ته اسان جو پنهنجو اباڻو ڳوٺ ب اسان لاء ڄڻ نو گو ايريا بڻيل آهي ھنن وڌيڪ ٻڌايو ت خواھ مخواھ مختلف قومن جا ڪجھ شر پسند عناصر گڏ ڪري ڪوڙو ميڊيا ٽرائل ڪرائي اصل مسئلي جو رخ بدلائي اجايو واويلا ڪري انصاف ڪندڙ ادارن کي گمراھ ڪري رھيا آهن ھنن پنهنجي ڳالھ جاري رکندي چيو ت جڏهن مختيار ڪار صالح پٽ ڪورٽ سڳورئ جي حڪم تحت زمين جي انڪوائري ڪرڻ کان بعد پلاٽ جو معائنو ڪري رھيو ت رنڊڪ وجھڻ خاطر ھرو ڀرو مذڪورا با اثرن شخصن اسان مٿان حملو ڪري انويسٽيگيشن روڪرائي ڇڏي ھنن اھو پڻ ٻڌايو ت بيشڪ ھي وڏن کان وٺي ھن درگاھ جا متولي رھيا آهن ھنن جا وڏا با اخلاق ۽ امن پسند ھيا ليڪن مذڪورا با اثر فسادي قسم جا آهن بيشڪ شفاف انڪوائري ڪئي وڃي ۽ اسان جو بيڪ گرائونڊ ب جاچيو وڃي جيڪڏهن اسان ڪنھن قسم جي ڪڌي عمل ۾ با وجھ يا بلا وجھ ملوث ھجون ت اسان سزا جا حقدار آھيون ھنن اھو پڻ چيو ته اسانکي حراسان ڪيو وڃي ٿو مذڪوربا اثر روز بروز موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آهن اسان کي ھنن مان جان جو خطرو آهي ھنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ـ ھاء ڪورٽ سنڌ ـ ھاء ڪورٽ سکر ـ سيشن ڪورٽ سکر ـIG سنڌ ـ DIG سکر ريجن ـ SSP سکر DSP روھڙئ کي اپيل ڪئي آهي ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي شفاف انڪوائري ڪري في سبيل الله اسان مسڪينن کي انصاف ڏيڻ سان گڏو گڏ تحفظ فراھم ڪيو وڃي

Read Previous

سڪرنڊ شگرمل مان ٽن سالن کان جبري طور برطرف ڪيل ملازمن پريس ڪلب قاضي احمد آڏو برطرف ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

Read Next

خيرپورناٿن شاھ : پرائمري اسڪول جي استاد جو ساهرن جي موتمار ڌمڪين اغوا ڪرڻ ۽ جاني مالي نقصان پهچائڻ خلاف احتجاج، اڳوڻو سهري ۽ سالن کان زندگيءَ کي خطرو

Most Popular