خيرپورناٿن شاھ : پرائمري اسڪول جي استاد جو ساهرن جي موتمار ڌمڪين اغوا ڪرڻ ۽ جاني مالي نقصان پهچائڻ خلاف احتجاج، اڳوڻو سهري ۽ سالن کان زندگيءَ کي خطرو

خيرپورناٿن شاھ جي رهواسي پرائمري اسڪول جي استاد جو ساهرن جي موتمار ڌمڪين اغوا ڪرڻ ۽ جاني مالي نقصان پهچائڻ خلاف احتجاج، اڳوڻو سهري ۽ سالن کان زندگيءَ کي خطرو،مون کي اڳوڻو سهرو ڪنهن به وقت به نقصان ڏئي سگهن ٿا مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي؛ استاد وزير علي پنهورتفصيل موجب: خيرپور ناٿن شاهه جي رهواسي پرائمري اسڪول جي استاد وزير علي پنهور جو اڳوڻي ساهري منٺار علي کوسو سالي رفيق کوسي ۽ زال نديمان خلاف سٽي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو ان موقعي تي هن چيو ته مون ست سال پهرين نديمان کوسو سان 5 لک ٽڪن عيوض شادي ڪئي هئي جنهن مان مون کي ٻه نياڻيون آهن هڪ نياڻي مسڪان جي عمر 4 سال آهي ۽ خوشبو 5 سال جي آهي هن دانهيندي ٻڌايو ته زبردستي منهنجي هڪ نياڻي خوشبو کي کڻي ويا آهن آئون پنهنجي اولاد جي بهتر کان بھتر تربيت ڪري سگهان ٿو هن چيو ته منهنجا ساهرا ڪلرائي کوسا لڳ ڪولاچي ۾ رهندا آهن هن وڌيڪ چيو ته مون ڪورٽ جي ذريعي ڪجهه ڏينهن پهرين نديمان کي طلاق ڏني آهي ڇاڪاڻ ته منهنجي اڳوڻي زال نديمان جو ڪردار سٺو ناهي ان ڪري مون طلاق ڏني آهي جنهن تي منهنجي اڳوڻي زال جو والد ۽ سالو رفيق موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ مون کي ۽ منهنجي اولاد کي اغوا ڪري مارڻ چاهين ٿا هن چيو ته منهنجي زندگي کي خطرو آهي مون کي ۽ منهنجي گهر وارن کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار منهنجا اڳوڻو سهرو منٺار کوسو ۽ سالو رفيق کوسو هوندو ان موقعي تي هن ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو کان ۽ ايس ايڇ او خيرپور ناٿن شاهه کان مطالبو ڪيو ته مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ مون کي موتمار ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Read Previous

صالح پٽ لڳ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي ڏاڍين خلاف پريس ڪلب صالح پٽ آڏو احتجاج

Read Next

ٽنڊو محمد خان شھر جي پاڙي سچل آباد ۾ گذريل 2 مھينن کان گٽر جو گندو پاڻي بيٺل رھواسي سخت پريشانين کي منھن ڏيڻ لڳا

Most Popular