”مريم نواز، عمران خان تي ڪڙڪي پئي، وزيراعظم جي حيثيت اسلام آباد جي ميئر کان وڌيڪ ناهي“

مسلم ليگ نون جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ملڪ جي وزيراعظم جي حيثيت اسلام جي ميئر کان وڌيڪ ناهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته عمران خان جڏهن ڪنٽينر تي هو ته چوندو هو ان وقت مهانگائي وڌندي آهي جڏهن ملڪ جا حڪمران چور هوندا آهن ۽ اهڙي ريت حڪومت سرٽيفائيڊ چور آهي.

هن چيو ته هن وقت عوام بدترين مهانگائي ۽ مسئلن سان منهن پيو ڏئي، اهڙي حالتن ۾ مسلم ليگ نون خاموش ٿيڻ بدران آواز اٿاري رهي آهي.

ٻئي پاسي مريم نواز پنهنجي والد نواز شريف جي شناختي ڪارڊ تي جعلي ويڪسين واري خبر کي ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏنو ۽ چيو ته حڪومت جي هر شيءِ وانگر ان جو ويڪسي نيشن ڪارڊ به جعلي آهي.

Read Previous

جٿي به چيني سيڙپڪاري ٿيندي، سي پيڪ واري سيڪيورٽي ڏينداسين: اسد عمر

Read Next

نواز شريف جي شناختي ڪارڊ تي جعلي ويڪسين ڪرائڻ جو انڪشاف

Most Popular