نواز شريف جي شناختي ڪارڊ تي جعلي ويڪسين ڪرائڻ جو انڪشاف

لاهور ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي شناختي ڪارڊ تي جعلي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ذريعن موجب نواز شريف جي نالي تي جعلي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي رپورٽ به سامهون آئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي نواز شريف کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي ڊيٽا انٽري ڪئي وئي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته نواز شريف جي شناختي ڪارڊ تي جعلي ڪورونا ويڪسين ڪوٽ خواجا سعيد اسپتال ۾ لڳائي وئي، نواز شريف جي ويڪسين جي انٽري نويد الطاف نالي ويڪسينيٽر ڪئي.

دستاويزن موجب نواز شريف کي ويڪسين جو پهريون ڊوز ڪالهه شام 4 وڳي 4 منٽن تي لڳائي وئي.

Read Previous

”مريم نواز، عمران خان تي ڪڙڪي پئي، وزيراعظم جي حيثيت اسلام آباد جي ميئر کان وڌيڪ ناهي“

Read Next

پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 58 ماڻهو زندگيون وڃائي ويٺا

Most Popular