ڪوھستان ۾ تعليم تي ڌيان ڏيئي رھيا آھيون ڪوھستان جي پٺتي پيل علائقن ۾ استادن جي کوٽ سبب تعليم متاثر ٿي رھي آھي

ٿاڻوبولاخان ( رپورٽ : راشد نواز منڱڻھار ) ڪوھستان ۾ تعليم تي ڌيان ڏيئي رھيا آھيون ڪوھستان جي پٺتي پيل علائقن ۾ استادن جي کوٽ سبب تعليم متاثر ٿي رھي آھي حڪومت طرفان جلد نوان استاد ۽ فرنيچر اسڪولن کي مھيا ڪيو ويندو اھڙن خيالن جو اظھار ضلعي ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري نظير احمد چانڊيو ٿاڻي بولاخان جي مختلف اسڪولن جن ۾ گورنمينٽ ھاير سيڪنڊري اسڪول ٿاڻوبولاخان ۔گرلز ھاء اسڪول ايليمنٽري اسڪول ۔نمبر 2 ٿاڻو احمد خان ھاء اسڪول گرلز ھاء اسڪول ان کان علاوه برانچ ھاء اسڪول مھندا پالاري جي دوري دوران تعلقه ايجو ڪيشن آفيسر عمران احمد ڪوريجو عبدالعزيز خاصخيلي ۔محمد حسين خاصخيلي پڻ ساڻس گڏ ھئا ڊي او سيڪنڊري نظير احمد چانڊيو وڌيڪ چيو ته ٿاڻو احمد خان ھاء اسڪول مان مسلسل غير حاضر رھڻ ۽ ھيڊ ماستر جي شڪايت تي ايڇ ايس ٽي دليپ ڪمار کي شوڪاز نوٽيس ڏيندي ضلعي ايجوڪيشن آفيس ڄامشورو ۾ رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي ھن وڌيڪ چيو ته ٿاڻوبولاخان تعلقي جي تعليم جي بھتري لا ھر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي نظير احمد چانڊيو ڪافي عرصي کان ايليمنٽري اسڪول نمبر 2 جي ترقياتي ڪم رڪيل ھجڻ جي شڪايت ٻڌي جلد حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو

Read Previous

ڪورونا ويڪيسن ڪرايو يا جيل جي هوا کائو، ڪينٽ پوليس پاران ڪورونا وائرس کان بچاء واري ويڪسين نه ڪرائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون

Read Next

پنوعاقل سول اسپتال پنوعاقل جو مغوي ملازم مختيار ڪلوڙ بازياب ٿي گھر پھچيويو

Most Popular