پنوعاقل سول اسپتال پنوعاقل جو مغوي ملازم مختيار ڪلوڙ بازياب ٿي گھر پھچيويو

پنوعاقل سول اسپتال پنوعاقل جو مغوي ملازم مختيار ڪلوڙ بازياب ٿي گھر پھچيويو، تفصيل موجب ڪجھ مھينا پھريان مختيار احمد ڪلوڙ پنوعاقل شھر کان پنھنجي ڳوٺ وڃي رھيو ھو ته ڳوٺ پھچڻ کان اڳ اغوا ٿي ويو جنھن جي موٽرسائيڪل فصل مان ھٿ آئي،مختيار جي بازيابيءَ لاءِ ڪلوڙ برادري ۽ سول اسپتال انتظاميه احتجاج ڪيا تنھن ھوندي به بازياب ٿيڻ ۾ وقت لڳي ويو،ٻئي طرف ايس ايس پي سکر مغوي جي ڳوٺ پھتو جتي مختيار سميت سندس وارثن سان ملاقات ڪئي،واضح رھي ته پنوعاقل جا ٻھ ماڻھو اڃا تائين گم ٿيل آھن جن جو اڄ ڏينھن تائين پتو نه پئجي سگھيو آھي

Read Previous

ڪوھستان ۾ تعليم تي ڌيان ڏيئي رھيا آھيون ڪوھستان جي پٺتي پيل علائقن ۾ استادن جي کوٽ سبب تعليم متاثر ٿي رھي آھي

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ آپڪا ڊويزن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ايريگيشن ڪامپليڪس کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Most Popular