لاڙڪاڻي ۾ آپڪا ڊويزن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ايريگيشن ڪامپليڪس کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ آپڪا ڊويزن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ايريگيشن ڪامپليڪس کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن جو گشت ڪندي ڪمشنر آفيس آڏو پهتي جتي ملازمن ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعي جي گريڊ هڪ کان 17 جي ملازمن ۽ ڪلارڪن شرڪت ڪري هٿن ۾ قومي، تنظيمي جهنڊا ۽ بئنر کڻي نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن مقبول احمد مهر، رفيق احمد جتوئي، عبدالوهاب ڪاغذي، پيرل دايو، نصرالله ڊومڪي، غلام مصطفيٰ بليدي، مبين ٻرڙو، محمد بخش ڪنڀر، انيس عباسي، غلام مرتضيٰ مگسي، شفيق احمد شيخ، منور مائري، يار محمد مڱڻيجو، اسد الله ميرجت، غلام سرور شيخ ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي سمورن کاتن ۾ ملازم ايمانداري سان ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا آهن پر هن جديد دور ۾ به کين پنهنجي جائز مراعتن کان محروم ڪري حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي جنهن ڪري اڄ اسين روڊن تي نڪري آيا آهيون. هنن چيو ته اسان جي اولاد کي نوڪريون نه ڏنيون ويون سياسي بنياد تي وڪرو ڪري صرف پنهنجن کي خوش ڪيو ويو ته اسان ملازمن سان گڏوگڏ اسان شهري به آهيون ۽ ووٽر به هڪ ڪلارڪ ملازم جي پٺيان خاندانن جا ووٽ آهن. ڀرتين ۾ ملازمن کي نظرانداز ڪري پنهنجا نوازي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هنن پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ايم پي اي فريال ٽالپر، جميل احمد سومرو، سهيل انور سيال ۽ ڪمشنر لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته گريڊ هڪ کان چار تائين جي ٿيندڙ ڀرتيون سياسي بنياد تي نه پر ميرٽ تي ڪري ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ڏنيون وڃن، رهيل ڪيڊرن جي اپ گريڊيشن ڪري يوٽيلٽي الائونس ڏئي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي، ادارن ۾ ملازمن جا رهيل پروموشن ڪيا وڃن، ملازمن کي گروپ انشورنس سان گڏوگڏ بينوئل فنڊ ڏنو وڃي، گريڊ هڪ کان چار تائين جي ڀرتين ۾ ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٻي صورت قانوني رستو اختيار ڪري عدالت جو در کڙڪايو ويندو ۽ ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي ووٽن جو بائيڪاٽ ڪري هن احتجاج جو دائرو پوري سنڌ تائين وسيع ڪيو ويندو.

Read Previous

پنوعاقل سول اسپتال پنوعاقل جو مغوي ملازم مختيار ڪلوڙ بازياب ٿي گھر پھچيويو

Read Next

ڳڙهي خيرو ۾ تعليم کاتي اندر ٿيل جعلي ڀرتين ۽ نئين ڀرتين لاءِ پي ايس ٽي جون صرف 10 سيٽون ظاھر ڪرڻ خلاف بيروزگار نوجوانن ۽ شھرين طرفان احتجاجي مظاهرو

Most Popular