ڳڙهي خيرو ۾ تعليم کاتي اندر ٿيل جعلي ڀرتين ۽ نئين ڀرتين لاءِ پي ايس ٽي جون صرف 10 سيٽون ظاھر ڪرڻ خلاف بيروزگار نوجوانن ۽ شھرين طرفان احتجاجي مظاهرو

ڳڙهي خيرو (رپورٽر: اسدالله لغاري) ڳڙهي خيرو ۾ تعليم کاتي اندر ٿيل جعلي ڀرتين ۽ نئين ڀرتين لاءِ پي ايس ٽي جون صرف 10 سيٽون ظاھر ڪرڻ خلاف بيروزگار نوجوانن ۽ شھرين طرفان احتجاجي مظاهرو.
تفصيل موجب ڳڙهي خيرو ۾ تعليم کاتي اندر ٿيل جعلي ڀرتين ۽ نئين ڀرتين لاءِ پي ايس ٽي جون صرف 10 سيٽون ظاھر ڪرڻ خلاف بيروزگار نوجوانن ۽ شھرين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري پنج گلي چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو. سنڌ حڪومت طرفان تعليم کاتي ۾ ڀرتين جي اعلان بعد تعليم کاتي ڳڙهي خيرو طرفان جي اي ايس ٽي جون 27 ۽ پي ايس ٽي جون صرف 10 سيٽون ظاھر ڪرڻ خلاف ڳڙھي خيرو جي پڙھيل لکيل بيروزگار نوجوانن ۽ شھرين غلام مصطفي جمالي ،اڪبر عمراڻي ، گنھور علي ٻٻر، عبيدالله بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو مظاھرين شھر جي مختلف رستن کان ٿيندا پنج گلي چوڪ تي پھتا جتي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته تعليم کاتي ڳڙهي خيرو ۾ آفيسرن پئسن عيوض ٺل ، جيڪب آباد ، شھدادڪوٽ ، قبوسعيد خان سميت بلوچستان جي ماڻھن کي جعلي ڊوميسائيلن تي جعلي ايڊجسٽمنٽ ذريعي نوڪريون ڏنيون آهن جيڪا ڳڙھي خيرو جي پڙھيل لکيل نوجوانن سان سراسر زيادتي آهي انھن چيو ته غيرقانوني ڀرتي ٿيل ماڻھو ڊيوٽي به نٿا ڪن گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيا آھن جڏھن ته تازو سنڌ حڪومت پاران تعليم کاتي ۾ استادن جي ڀرتين لاءِ اشتهار ڏنا ويا ته تعليم کاتي جيڪب آباد پاران ڳڙهي خيرو جي سموري تعلقي لاءِ پي ايس ٽي جون صرف 10 سيٽون ظاھر ڪيون ويون آهن جڏھن ته صرف ھڪڙي ٺل تعلقي ۾ پي ايس ٽي جون 580 سيٽون آھن ھنن وزيراعلي سنڌ ۽ وزير تعليم کان مطالبو ڪيو تہ ڳڙهي خيرو تعلقي لاءِ نئين ايس اين اي منظور ڪري پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جون سيٽون وڌايون وڃن ٻي صورت ۾ عدالت جو در کڙڪايو ويندو، ۽ احتجاج جو دائرو پڻ وڌايو ويندو.

Read Previous

لاڙڪاڻي ۾ آپڪا ڊويزن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ايريگيشن ڪامپليڪس کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Read Next

نواب شاہ : تعلقا قاضی احمد جي شهر نواب ولي محمد هاءِ اسڪول کي شھرين طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت 20 کان وڌيڪ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪولر وٺي ڏنا ويا

Most Popular