نواب شاہ : تعلقا قاضی احمد جي شهر نواب ولي محمد هاءِ اسڪول کي شھرين طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت 20 کان وڌيڪ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪولر وٺي ڏنا ويا

نواب شاہ : تعلقا قاضی احمد جي شهر نواب ولي محمد هاءِ اسڪول کي شھرين طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت 20 کان وڌيڪ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪولر وٺي ڏنا ويا خبر موجب نواب ولي محمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهندڙ 12 سئو شاگردن لاءِ شهرين ۽ شاگردن جي والدين طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت 20 کان وڌيڪ وڏا ڪولر ڪولر جا لوهي اسٽينڊ سولر موٽر هلائڻ لاءِ 2 عدد بيٽريون وٺي ڏنيون ويون ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماستر آفتاب سومرو چيو ته نواب ولي محمد هاءِ اسڪول ۾ ٽي سئو شاگردياڻيون ۽ 9 سئو شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا جن کي پيئڻ جي پاڻي جي سخت تڪليف جيڪا ڳالھ نواب ولي محمد جي ڪميونٽي آڏو رکي سين جن پنهنجي مدد پاڻ تحت شاگردن کي پاڻي پيئڻ لاءِ 20 عدد وڏا ڪولر، ڪولر جا لوهي اسٽينڊ ۽ 2 عدد بيٽريون سولر موٽر هلائڻ لاءِ وٺي ڏنيون شاگردن پاران پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو سدائين لاءِ حل ٿي ويو آهي هن چيو ڪميونٽي جي اعتماد تي سدائين پورو لهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي

Read Previous

ڳڙهي خيرو ۾ تعليم کاتي اندر ٿيل جعلي ڀرتين ۽ نئين ڀرتين لاءِ پي ايس ٽي جون صرف 10 سيٽون ظاھر ڪرڻ خلاف بيروزگار نوجوانن ۽ شھرين طرفان احتجاجي مظاهرو

Read Next

اڳوڻو صدر آصف زرداري فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ طلب

Most Popular