ڳڙھي خيرو جي اسڪولن ۾ سھولتن جي اڻھوند خلاف جي ٽي آئي جي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاھرو

گڙھي خيرو(رپورٽر: اسدالله لغاري)ڳڙھي خيرو جي اسڪولن ۾ سھولتن جي اڻھوند خلاف جي ٽي آئي جي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاھرو، پنج گلي چوڪ تي ڌرڻو، تعلقي جي سڀني اسڪولن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ جو مطالبو
خبر موجب جمعيت طلباءِ اسلام طرفان ڳڙھي خيرو تعلقي جي اسڪولن ۾ سھولتن جي اڻھوند ۽ سڄي تعلقي لاء پي ايس ٽي جون صرف ڏھ سيٽون ظاھر ڪرڻ خلاف جي يو آئي اڳواڻ مولانا سليم الله بروھي,اسدالله حيدري,محڪم الدين بروھي,عرفان علي علي لُھر، محمد الياس بروهي، بابو محمد پناه، عبدالباري بروهي، سجاد دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو جامع مسجد شيراز کان ڪڍي جيڪو شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي شھر جي مُک پنج گلي چوڪ تي پھتو جتي ڌرڻو لڳايو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھيندي چيو ته تعلقي ڳڙھي خيرو ۾ اسڪول زبون حالي جو شڪار آھن جنھن سبب ٻار ۽ نوجوان تعليم جھڙي زيور کان محروم ٿي رھيا آھن، انھن وڌيڪ چيو ته جيڪي اسڪول ھلن ٿا انھن ۾ بنيادي سھولتون جھڙوڪ پيئڻ جو صاف ٿڌو پاڻي,بجلي,فرنيچر ۽ ڪتاب نه آھن، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ٻين تعلقن جي ڀيٽ ۾ تعلقي ڳڙھي خيرو جي نوجوانن لاء پي ايس ٽي نوڪرين جي سيٽن ۾ نظرانداز ڪيو ويو آھي، ڳڙھي خيرو تعلقي لاء صرف ڏھ سيٽون ظاھر ڪيون ويون آھن,جيڪو نوجوانن جي حقن تي ڌاڙو ۽ ظلم سمجھون ٿا,پي ايس ٽي جي سيٽن ۾ اضافو ڪري نوجوانن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.اڳواڻن وڌيڪ مطالبو ڪندي چيو ته تعلقي ڳڙھي خيرو جي اسڪولن ۾ شاگردن کي صاف پاڻي,بجلي,فرنيچر ۽ ڪتاب سميت بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ ناقص عمارتن,ديوارن جي مرمت ۽ ڪچن اسڪولن کي بلڊنگ فراهم ڪيون وڃن,جيئن نوجوان نسل تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي ترقي جو سبب بڻجي سگھن.

Read Previous

چئن مھينن جي پگهار جا پئسا 48 هزار رپيا گهرڻ تان مون تي ڏمرجي پيو آهي هن چيو ته ٻه سال اڳ هن جي مينھن جي واڙي تي مزدوري ڪندو

Read Next

پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ليبر يونين ڏوڪري پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري نعري بازي ڪئ

Most Popular