پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ليبر يونين ڏوڪري پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري نعري بازي ڪئ

پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ليبر يونين ڏوڪري پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري نعري بازي ڪئي. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ليبر يونين ڏوڪري جي چيئرمين غلام سرور جوڻيجو، عقيل احمد ڪلھوڙو، غلام مرتضي سوھو، اختر کوکر، شوڪت جوڻيجو، حبدار ڀنڊ، علي حيدر مشوري، قدير جوڻيجو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي ڳالهائيندي مٿين اڳوڻن چيو ته ڊيلي ويجز طور ڪم ڪندڙ ملازمن کي پڪو ڪري انهن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو وڃي، هنن چيو ته سينيئر ملازم علي محمد جتوئي سميت مختلف ملازمن جون بدليون روڪيون وڃن ۽ بدلي ٿيل ملازمن کي واپس ڪيو وڃي، هنن وڌيڪ چيوته سن ڪوٽا تحت واپڊا ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ڏئي انهن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن، واپڊا ۾ ميرٽ تحت ملازمن کي ڀرٿي ڪيو وڃي، ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي حفاظتي سامان مهيا ڪري ڏنو وڃي، ملازمن جا پرموشن ۽ اپ گريڊيشن ڪري پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، مظاهرين وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ملازمن جا جائز مطالبا پورا ڪري ملازمن سان انصاف ڪيو وڃي جيڪڏهن اسان جا مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Read Previous

ڳڙھي خيرو جي اسڪولن ۾ سھولتن جي اڻھوند خلاف جي ٽي آئي جي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاھرو

Read Next

2023 ۾ تحريڪ انصاف کي دفن ڪري ڇڏينداسين: شهباز شريف

Most Popular