2023 ۾ تحريڪ انصاف کي دفن ڪري ڇڏينداسين: شهباز شريف

ن ليگ صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته 2023 ۾ تحريڪ انصاف کي سدائين لاءِ دفن ڪري ڇڏينداسين.

راولپنڊي ۾ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ڪنٽونمينٽ چونڊن ۾ ن ليگ جي ڪاميابي معمولي ڳالهه ناهي، تحريڪ انصاف کي ڪنٽونمينٽ چونڊن ۾ ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو آهي، ڪنٽونمينٽ بورڊز جون صاف ۽ شفاف چونڊون ٿيون، اليڪشن ڪميشن کي اڳتي به شفاف چونڊون ڪرائڻيون پونديون.

هن چيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم سوا ٽن سالن ۾ ملڪ کي تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي، هن پاڪستان کي معاشي طور برباد ڪري ڇڏيو آهي، قرض وٺي پاڪستان کي بدحال ڪيو ويو آهي، مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، غريب کي دوا به نه پئي ملي، بجلي جا بل غريب تي بجلي بم بڻجي حملو ڪري رهيا آهن.

Read Previous

پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ليبر يونين ڏوڪري پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري نعري بازي ڪئ

Read Next

”شريف ۽ زرداري فيملي ملڪ جو پئسو ٻاهر کڻي وئي، اسان اربين ڊالر قرض واپس ڪيو “

Most Popular