لاڙڪاڻي ۾ صوبائي وزير ماحوليات، يونيورسٽيز بورڊ جي صوبائي صلاحڪار اسماعيل راهو ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي ڪوآرڊينيٽر حنا دستگير جي لاڙڪاڻي آمند

لاڙڪاڻو(اي حميد شيخ) لاڙڪاڻي ۾ صوبائي وزير ماحوليات، يونيورسٽيز بورڊ جي صوبائي صلاحڪار اسماعيل راهو ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي ڪوآرڊينيٽر حنا دستگير جي لاڙڪاڻي آمند جي موقعي تي مختلف ڌرين طرفان مسئلن جي حل لاءِ بيگم نصرت ڀٽو ميموريل هال ٻاهران الڳ الڳ احتجاج ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو مان 40 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿي ويل نوجوان جي وارثن ۽ سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم سنڌ طرفان سندس بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻي ڪندڙ محمد صالح عباسي، علي دوست عباسي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته 40 ڏينهن اڳ 10 محرم الحرام جي ڏينهن اسان جي نوجوان سعيد احمد عباسي کي بااثر رزاق عباسي، گدا حسين مڪول ۽ ٻيا پير محبڻ تي مجلس ٻڌڻ جي بهاني ساڻ وٺي ويا هئا، جنهن کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين نوجوان سعيد احمد عباسي واپس گهر ناهي موٽيو، کيس ڄاڻايل بااثرن اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، حد جي ايس ايڇ او لياقت کجڙ بااثرن جي وانگار وهندي ڪيس داخل نه پيو ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته سعيد احمد عباسي جي اغوا جو ڪيس داخل ڪري کيس بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. ٻي طرف پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل جي نگراني هيٺ مختلف ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائون لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن طرفان پي ايم سي جي پاليسين خلاف عدنان جوڻيجو، سلمان جلباڻي، جاويد مغيري، آغا ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سخت محنت ڪري پي ايم سي جي نگراني هيٺ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائون لاءِ انٽري ٽيسٽ ڏني آهي، پر پي ايم سي طرفان ڏنل ٽيسٽ ۾ نصاب کان ٻاهر سوال ڏئي ناانصافي ڪئي وئي، جڏهن ته ٽيسٽ جي رزلٽ ۾ هيرا ڦيري ڪري بااثر شاگردن جي رزلٽ ٻين جي نالن تي جاري ڪئي وئي، ان کان علاه رزلٽ بابت مختلف ميسيج موڪلي مونجهارو پيدا ڪيو وڃي ٿو، پي ايم سي جو آن لائين سسٽم پڻ خراب آهي، جڏهن ته انٽري ٽيسٽ سڄو مهينو ورتي وڃي ٿي، جيڪا پڻ وڏي ناانصافي آهي. اسان مطالبو ٿا ڪيون ته ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽون پي ايم سي بجائي اين ٽي ايس ذريعي وٺي انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ايل ڊي اي ملازمن 18 مهينن کان پگهارون نه ملڻ ۽ مبينا ڪرپشن خلاف هٿن ۾ بئنر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ملازمن ممتاز لغاري، مير خان جتوئي ۽ ٻين چيو ته بجيٽ هجڻ باوجود ايل ڊي اي جي ملازمن کي گذريل 18 مهينن جون پگهارون نه پيون ڏنيون وڃن، جنهن سبب اسان جا خاندان بک ۽ بدحالي جي ور چڙهيل آهن. هنن الزام لڳائيندي چيو ته ايل ڊي اي جي عملدارن طرفان ملازمن جي پگهارن لاءِ آيل بجيٽ مان لکين روپين جي ڪرپشن ڪري پيسا هڙپ ڪري ڇڏيا آهن، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته 18 مهينن جو رهيل پگهارون جلد جاري ڪرڻ سان گڏ ايل ڊي اي جي عملدارن جي ڪرپشن بابت جاچ ڪرائي سندن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻي طرف مينهل آباد جي رهواسي جتوئي ذات جي عورتن پاران ملڪيت تي بااثر مائٽ جي مبينا قبضي ۽ نوجوان اسلم جتوئي جي گرفتاري خلاف هٿن ۾ بئنر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي هنن نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي نوجوان اسلم جتوئي جي ڀينرن پنهنجا نالا ٻڌائڻ کان انڪار ڪندي ميڊيا آڏو دانهيو ته اسان جي چاچي حاجي ڳهڻو خان جتوئي اسان جي مرحوم والد پهلوان خان جتوئي جي ملڪيت تي قبضو ڪيون ويٺو آهي، جنهن اسان جي ڀائرن اسلم جتوئي، عرفان، حنيف، ڪامران ۽ وقار جتوئي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي تنگ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته 3 ڏينهن اڳ جيڪب آباد ضلعي جي مولا داد ٿاڻي جي پوليس بااثر چاچي ڳهڻو جتوئي جي چوڻ تي اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري ڀاءُ اسلم جتوئي کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بابت ڪا خبر نه آهي ته هو ڪٿي ۽ ڪهڙي هال ۾ آهي، بااثر چاچي اسان سان وڏي ناجائزي ڪئي آهي، اسان جي وس وارن کي اپيل آهي ته سندس خلاف ڪاروائي ڪري اسان جي ڀاءُ اسلم جتوئي کي آزاد ڪرائي ملڪيت تان ٿيل قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن احتجاج ڪندڙ مختلف ڌرين جي اڳواڻن کي صوبائي وزير جي کليل ڪچهري ۾ گهرائي کين مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي.

Read Previous

مورو جي مين گرلس پرائمري اسڪول جي ٻاھرين ديوار اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي شاگرد معجزانہ طور محفوط رھيا، ديوار ڪرڻ سبب ٻارن ۾ افرا تفري مچي وئي

Read Next

آر ڊي ڪاليجز شاهدا تاج ابڙو نوشھروفيروز جي نان ٽيچنگ ملازمن کي بحال ڪري ڇڏيو، سيڪريٽري ڪاليجز سنڌ ۽ سنڌ سروس ٽريبيونل جي فيصلي تي عمل ٿي ويو

Most Popular