مورو جي مين گرلس پرائمري اسڪول جي ٻاھرين ديوار اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي شاگرد معجزانہ طور محفوط رھيا، ديوار ڪرڻ سبب ٻارن ۾ افرا تفري مچي وئي

مورو جي مين گرلس پرائمري اسڪول جي ٻاھرين ديوار اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي شاگرد معجزانہ طور محفوط رھيا، ديوار ڪرڻ سبب ٻارن ۾ افرا تفري مچي وئي ۽ خوف و حراس ڇائنجي ويو، جڏھن تہ ڪافي ماڻھو ۽ ٻارڙن جا والدين اسڪول پھچي ويا اھڙو اطلاع تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن، بلڊنگس کاتي جي عملدارن سميت ڊي سي نوشھرو فيروز، اسسٽنٽ ڪمشنر مورو کي ڏنو ويو جيڪي مذڪورہ اسڪول ۾ پھچي ڪريل ديوار جو معائنو ڪيو ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر حسان اللہ پٺاڻ، تعليم کاتي جو سي اي او عبيداللہ عباسي ۽ بلڊنگ کاتي جو عملدار مجاھد سرھيو پھتا ۽ اسڪول جي ديوار جو معائنو ڪري اھڙيون رپورٽون ٺاھي ڊي سي نوشھرو فيروز سميت بلڊنگس کاتي جي اعليٰ عملدارن ڏانھن موڪليون آھن، جڏھن تہ ڪريل ديوار جي ملبي کي ھٽائڻ لاءِ ميونسپل ڪاميٽي جي سي ايم او کي حڪم جاري ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ اسڪول جي ٻارڙن پاران ڪريل ديوار جي جلد اڏاوت لاءِ احتجاج پڻ ڪيو جنھن جي اڳواڻي مبين سولنگي، معصومہ سولنگي، پاشا سولنگي، رحمٰن سيال، سميرا سيال ڪري رھيا ھئا،.،

Read Previous

سنڌ حڪومت کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ، مراد علي شاهه کان ڀنڊار ٻيٽ منصوبي تي نظرثاني جو مطالبو

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ صوبائي وزير ماحوليات، يونيورسٽيز بورڊ جي صوبائي صلاحڪار اسماعيل راهو ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي ڪوآرڊينيٽر حنا دستگير جي لاڙڪاڻي آمند

Most Popular