آر ڊي ڪاليجز شاهدا تاج ابڙو نوشھروفيروز جي نان ٽيچنگ ملازمن کي بحال ڪري ڇڏيو، سيڪريٽري ڪاليجز سنڌ ۽ سنڌ سروس ٽريبيونل جي فيصلي تي عمل ٿي ويو

نوابشاه: (رپورٽ راج ڪماراوڏ) آر ڊي ڪاليجز شاهدا تاج ابڙو نوشھروفيروز جي نان ٽيچنگ ملازمن کي بحال ڪري ڇڏيو، سيڪريٽري ڪاليجز سنڌ ۽ سنڌ سروس ٽريبيونل جي فيصلي تي عمل ٿي ويو، ملازمن ۾ خوشي جي لھر، خبر موجب ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز شھيد بينظير آباد شاهدا تاج ابڙو سيڪريٽري ڪاليجز ۽ سنڌ سروس ٽريبيونل جي حڪمن تي عمل ڪندي ضلعي نوشھروفيروز جي 5 نان ٽيچنگ ملازمن جا آرڊر جاري ڪندي کين بحال ڪري ڇڏيو جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز شھيد بينظير آباد شاهدا تاج ابڙو ٻڌايو ته ملازمن کي سنڌ سروس ٽريبيونل جي حڪم بعد سيڪريٽري ڪاليجز سنڌ پاران جاري ڪيل آرڊر تحت بحال ڪيو ويو آھي هن چيو ته غريب ملازمن جي بحال ٿيڻ تي خوشي ٿي آھي ملازمن کي ڪورٽ سڳوري ميرٽ جي بنياد تي بحال ڪيو آھي ۽ ملازمن کي هدايت ڪئي آھي ته ڪير به رشوت طلبي يا تنگ ڪري ته مونکي آگاھ ڪيو وڃي جيئن انهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته ملازمن بخشل راڄپر، حذب الله سومرو، محمد دين خاصڪيلي، سراج ملڪ ۽ ٻين چيو ته اسان آرڊي ڪاليجز محترمه شاهده تاج ابڙو صاحبه جا شڪري گذار آھيون جنهن سنڌ سروس ٽريبيونل ۽ سيڪريٽري ڪاليجز جي حڪمن تحت بحال ڪيو آھي هنن چيو ته آر ڊي صاحبه ھڪ ايماندار آفيسر آھي جنهن اسان کي پريشانين کان بچڻ لاء پنهنجي هٿن سان پوسٽنگ آرڊر ري اسٽيٽ سروس وٿ آل بيڪ بينيفٽس ڏنا جڏهن ته ملازمن ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آھي

Read Previous

لاڙڪاڻي ۾ صوبائي وزير ماحوليات، يونيورسٽيز بورڊ جي صوبائي صلاحڪار اسماعيل راهو ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي ڪوآرڊينيٽر حنا دستگير جي لاڙڪاڻي آمند

Read Next

”شهباز شريف بري ٿي ويو، وزيراعظم ڪوڙن الزامن سان ملڪ جي بي عزتي ڪرائي“

Most Popular