سياسي دٻاءَ ۾ ڪراچي کي 11 سئو ارب رپيا ڏئي رهيا آهيون: فواد چوڌري

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي شهباز شريف پنجاب جي بجيٽ جو وڏو حصو لاهور تي خرچ ڪيو.

اسلام آباد ۾ مقامي حڪومتن جي مستقبل تي ٿيندڙ قومي ڪانفرنس کي خطاب دوران فواد چوڌري سنڌ حڪومت کي نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت هڪ رپيو به خرچ ناهي ڪندي، اسلام آباد ۾ ويهي ڪراچي جا مسئلا ڪيئن ٿا حل ڪري سگهون؟ سياسي دٻاءَ جي ڪري ڪراچي کي 11 سئو ارب رپيا ڏئي رهيا آهيون.

وفاقي وزير چيو ته صوبي جي ٻين شهرن جو پيسو لاهور تي لڳايو ويو، اهو ته ڪو طريقو ناهي.

Read Previous

”شهباز شريف بري ٿي ويو، وزيراعظم ڪوڙن الزامن سان ملڪ جي بي عزتي ڪرائي“

Read Next

ڪورونا جا پويان پير، هاڪاري ڪيسن جي شرح تقريبن 3 سيڪڙو تي اچي وئي

Most Popular