”شهباز شريف بري ٿي ويو، وزيراعظم ڪوڙن الزامن سان ملڪ جي بي عزتي ڪرائي“

ن ليگ چيو آهي ته برطانيا ۾ شهباز شريف جي بريت سان پاڪستان ۾ ڪيس به ڪوڙا ثابت ٿي ويا.

ماڊل ٽائون لاهور ۾ ن ليگ اڳواڻن شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله ۽ مريم اورنگزيب گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته برطانوي عدالت جي شهباز شريف جي حق ۾ فيصلي کانپوءِ حڪومتي وزير چئي رهيا آهن ته اسان ته ڪيس ئي نه ڪيو هو ۽ اسان ڪو پيڇو نه ڪيو، حڪومت مسلسل ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي.

شاهد خاقان عباسي موجب حڪومت ڊسمبر 2019 ۾ برطانوي نيشنل ڪرائم ايجنسي کي خط لکيو ته شهباز شريف ۽ ان جي فيملي مني لانڊرنگ ڪئي آهي، برطانيا پاڪستان جي درخواست تي جاچ جو فيصلو ڪيو، 20 مهينن تائين گڏيل عرب امارتن، پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ جاچ ڪئي وئي، نيشنل ڪرائم ايجنسي پنهنجي جاچ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ حڪومت کي ٻڌائي ڇڏيو ته ڪو ڏوهه ناهي ٿيو پر هاڻ حڪومت ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، ڇو ته ان جون مني لانڊرنگ بابت سڀ دعوائون ڪوڙ ثابت ٿيون.

هن چيو ته وزيراعظم ملڪ جي بي عزتي جو سبب بڻجي ويو آهي، حڪومتي سطح تي الزام ٻين ملڪن کي ڏنا ويا، جيڪا ڪوڙا ثابت ٿيا، نيب آفيسر انگلينڊ وڃي پاڪستاني حڪومت جي نالي تي ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا، اهي ماڻهو ملڪ جو نالو بدنام ڪري رهيا آهن.

Read Previous

آر ڊي ڪاليجز شاهدا تاج ابڙو نوشھروفيروز جي نان ٽيچنگ ملازمن کي بحال ڪري ڇڏيو، سيڪريٽري ڪاليجز سنڌ ۽ سنڌ سروس ٽريبيونل جي فيصلي تي عمل ٿي ويو

Read Next

سياسي دٻاءَ ۾ ڪراچي کي 11 سئو ارب رپيا ڏئي رهيا آهيون: فواد چوڌري

Most Popular