محمد زبير جي مبينا ويڊيو تي مريم نواز جو ردعمل اچي ويو

ن ليگ قائد نواز شريف ۽ مريم نواز جي ترجمان محمد زبير جي مبينا ويڊيو جي معاملي تي ن ليگ نائب صدر جو بيان به سامهون اچي ويو.

سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ عورت سان گڏ موجود شخص کي ن ليگ اڳواڻ محمد زبير قرار ڏنو ويو، جڏهن ته سنڌ جي اڳوڻي گورنر اهڙي ويڊيو کي جعلي ۽ پنهنجي خلاف سازش قرار ڏنو هو.

ان معاملي تي هاڻ مريم نواز ردعمل ڏيندي چيو آهي ته محمد زبير کي گهڻي وقت کان ڌمڪيون ملي رهيون هيون، مبينا ويڊيو جي حقيقت ڇا آهي، اهو الله ۽ محمد زبير ڄاڻي پر محمد زبير منهنجو ترجمان رهندو.

Read Previous

”خيبر پختونخواهه ۾ ايڏي ڪرپشن آهي جو عوام کي ڪجهه ڊليور نٿو ٿي سگهي“

Read Next

روڊن جي تعمير ۾ ڪرپشن جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي کي چيو آهي: عمران خان

Most Popular