روڊن جي تعمير ۾ ڪرپشن جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي کي چيو آهي: عمران خان

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ گھٽ لاڳت ۾ روڊ تعمير ٿي رهيا آهن ان جو مطلب اهو آهي ته ماضي ۾ روڊن جي تعمير ۾ ڪرپشن ڪئي وئي، ايف آءِ اي کي ان معاملي جي جاچ جو چيوآهي.

جهل جهائو بيلا شاهراهه جي بحالي ۽ اپ گريڊيشن جو بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ گھٽ لاڳت ۾روڊ تعمير ٿي رهيا آهن ان جو مطلب آهي ته ماضي ۾ روڊن جي تعمير ۾ ڪرپشن ڪئي وئي.

وزيراعظم چيو ته 2019ع جي فرق باوجود اڄ روڊ سستا ٺهي رهيا آهن، اوهان سوچو ته گذريل حڪومت ڪيئن پيسو ٺاهيو، اڳ ئي سستا روڊ ٺاهيا وڃن ها ته ڪيترا پئسا بچن ها.

تقريب کي خطاب دوران عمران خان چيو ته پنجن سالن جي اليڪشن جو سوچيندڙ حڪومت بلوچستان تي ڌيان ناهي ڏيندي، ڪرپشن نه هجي ها ته بلوچستان ترقي ڪري ها.

Read Previous

محمد زبير جي مبينا ويڊيو تي مريم نواز جو ردعمل اچي ويو

Read Next

پنهنجي عضون جو خيال ڪيو، اهي مارڪيٽ ۾ ناهن ملندا

Most Popular