وزيراعظم جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف چيو آهي ته دهشتگردي پاڪستان جي استحڪام لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي.
معيد يوسف نسٽ يونيورسٽي ۾ رٿيل اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائلاگ جي خصوصي سيشن ۾ افغانستان جي صورتحال تي خطاب ۾ چيو ته نائن اليون کان پوءِ افغانستان بابت پاليسين سبب پاڪستان ۾ دهشتگردي آئي، دهشتگردي پاڪستان جي خلاف استحڪام لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي، دنيا کي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻ گھرجي.