حڪومت عوام تي وري پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، پيٽرول اگھم ۾ وڏي واڌ

وفاقي حڪومت پيٽرول شين جي اگھن ۾ وري واڌ ڪري ڇڏي آهي.

ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 4 روپيا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 2 روپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.

واڌ کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 127 روپيا 30 پئسا جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 122 روپيا چار پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

ان کانسواءِ گاسليٽ جي قيمت ۾ 7 روپيا ٻه پئسا واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ ان جي نئين قيمت 99 روپيا 31 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 8 روپيا 82 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ ان جي نئين قيمت 99 روپيا 51 پئسا ٿي وئي آهي.

Read Previous

موھن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ ڪاراڻي جو اڳوڻو ناظم غلام الله ٻگهيو جي گهر مان نامعلوم چور گهر مان چوري ڪري فرار ٿي ويا

Read Next

سنڌ ۾ سامونڊي طوفان ۽ تيز برسات جو امڪان گھٽجي ويو

Most Popular