ڪورونا کان پوءِ ڪعبي جي ٻاهرين اڱڻ تي پهريون ڀيرو نماز ادا ڪئي ويندي

سعودي عرب جي حج وزارت عمري جي زائرين جو انگ روزانو 60 هزار کان وڌائي هڪ لک ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت هاڻ ڪورونا وبا کان پوءِ پهريون ڀيرو ڪعبت الله جي ٻاهرين اڱڻ ۾ به نماز ادا ڪئي ويندي.

عرب ميڊيا موجب ڪورونا وبا جي صورتحال بهتر ٿيڻ تي سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت زائرين جو انگ 1 لک ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ڪعبي ۾ روزانو 60 هزار نمازين کي عبادت جي اجازت ڏني وئي آهي.

زائرين ۽ نمازين جي انگ ۾ واڌ جي اعلان کان پوءِ مسجد حرام جي ٻاهرين اڱڻ کي به نماز جي ادائگي لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي، ڪورونا وبا جي شروعات کان پوءِ پهريون ڀيرو ٻاهرين اڱڻ تي نماز ادا ڪئي ويندي.

ان کانسواءِ ويڪسين جو ڪورس مڪمل ڪرائيندڙ 70 ورهين کان وڌيڪ عمر جي زائرين کي به عمري جي اجازت ڏني وئي آهي، اهڙيءَ طرح 17 ۽ 18 ورهين جا مقامي نوجوان به ويڪسين لڳرائڻ کان پوءِ عمرو ڪري سگھندا.

سعودي عرب جي حج واري وزارت وڌيڪ ٻڌايو ته حفاظتي ايس او پيز کي يقيني بڻايو ويندو ۽ رڳو ويڪسين ٿيل ماڻهن کي ئي مسجد الحرام ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي.

زائرين ۽ نمازين جي انگ ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي مطالب جي اڱڻ ۾ 25 نوان ٽريڪ قائم ڪيا ويا آهن جيڪي عبادت ڪندڙن وچ ۾ سماجي وٿي کي برقرار رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

سعودي عرب حج جي خواهشمندن کي هدايت ڪئي آهي ته عمري ۽ نماز جي اجازت لاءِ ”توڪلنا ايپ“ تان وقت وٺي سگھن ٿا ۽ رڳو اجازت نامو رکندڙ ماڻهو ئي ڪعبي ۾ نماز ادا ڪري سگھندا.

واضح رهي ته ڪورونا وائرس سبب ٻه سال حج جي مختصر ۽ رڳو مقامي ماڻهن لاءِ اجازت هئي ۽ عمري جي زائين جو انگ به محدود ڪيو ويو هو پر هاڻ هوريا هوريا انگ ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

سنڌ ۾ سامونڊي طوفان ۽ تيز برسات جو امڪان گھٽجي ويو

Read Next

مخالف ڌر پيٽرول اگھن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو

Most Popular