ذبيح الله مجاهد جي ماءُ جي فاتحه خواني دوران ڌماڪو، ڪيترائي مارجي ويا

افغان تخت گاهه ڪابل ۾ عيدگاهه مسجد جي دَر تي بم ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڪابل ۾ مسجد جي داخلي دَر تي ڌماڪو ان وقت ٿيو، جڏهن طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد جي ماءُ جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني جاري هئي.

طالبان ترجمان پڻ ڪابل ۾ ڌماڪي ۽ ماڻهو مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي پر مارجي ويلن ۽ زخمين جو انگ ناهي ٻڌايو ويو.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ ذبيح الله مجاهد چيو ته ڪابل ۾ عيدگاهه مسجد جي دَر تي بم ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن، ڌماڪو عيدگاهه جامع مسجد جي داخلي دَر ڀرسان هجوم ۾ ٿيو.

Read Previous

دهشتگردن جو علاج رڳو نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ڪرائڻ آهي: آصف زرداري

Read Next

ڀاءَ کي مارڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇوڪريءَ سان اجتماعي لڄالٽ جو انڪشاف

Most Popular