ڀاءَ کي مارڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇوڪريءَ سان اجتماعي لڄالٽ جو انڪشاف

بهاولنگر ۾ 5 جوابدارن ننڍي ڀاءَ کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇوڪريءَ کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻائي ڇڏيو.

پوليس موجب متاثر ناري ٻڌايو ته جوابدار کيس هٿيارن جي زور تي لڄالٽ جو نشانو بڻائيندا رهيا ۽ بليڪ ميل ڪري به زيادتي ڪندا رهيا.

متاثر ناري جو چوڻ هو ته جوابدار ننڍي ڀاءَ کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، ڳورهاري ٿيڻ تي مان سڄو معاملو ماءُ کي ٻڌايو.

پوليس اختيارين موجب ڇوڪريءَ جي درخواست تي واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي.

Read Previous

ذبيح الله مجاهد جي ماءُ جي فاتحه خواني دوران ڌماڪو، ڪيترائي مارجي ويا

Read Next

عمر شريف جي وڇوڙي قومي ڪرڪيٽرن جون دليون به ٽوڙي ڇڏيون

Most Popular