نواب ولي محمد:نواب ولي محمد شھر جو رھواسي الھوسايو خاصخيلي نافرمان پٽن خلاف احتجاج

نواب ولي محمد:نواب ولي محمد شھر جو رھواسي الھوسايو خاصخيلي نافرمان پٽن خلاف احتجاج تفصيل موجب نواب ولي محمد شھر جي رھواسي الھ وسايو خاصخيلي نواب ولي محمد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيندي چيو ته نافرمان پٽن،گل بهار، شھباز، ۽ سينگار رات مون کي مارڪٽ ڪئي آهي پٽن گھر جو پلاٽ به وڪرو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ھاڻي رھڻ لاءِ گھر به نه آهي ھو مامن جي چوڻ تي غلط ڪمن پٺيان لھي پيا آهن ۽ گھر جو الھ تلھ وڪرو ڪري ڇڏيو اٿن منح ڪرڻ تي مون پيءُ مٿان مارڪٽ ڪئي اٿن ۽ ھن وڌيڪ چيو ته ھنن سان جيڪو به ڏيتي ليتي ڪندو ان جو ذميوار ھو پاڻ ھوندو سندن ماما نياڻين جي سڱن جي لالچ ۾ ھنن کي استعمال پيا ڪن ھن وس وارن کان انصاف جي گھر ڪئي آهي

Read Previous

تلھار : ڪنول ماڇي وارو معامرو ، وارثن پاران مبينا طور اغوا ڄاڻايل ناري ٻن مھينن جي گذرڻ بعد چھلم واري رات ڳجھ ڳوھ ۾ وارثن وٽ پھچي وئي

Read Next

پينڊورا پيپرز ۾ 700 کان وڌيڪ پاڪستانين جون آف شور ڪمپنيون نڪري آيون

Most Popular