پينڊورا ليڪس: وزيراعظم عمران خان جو اهم فيصلو

سڄي دنيا ۾ ٻڙڌڪ مچائيندڙ پينڊورا ليڪس جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان وڏو قدم کڻي ورتو.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن ۽ پارٽي جي سينيئر قيادت شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ پينڊورا ليڪس کانپوءِ جي صورتحال تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو.

ذريعن موجب وفاقي وزيرن ۽ اٽارني جنرل تي ٻڌل ڪميٽي وزيراعظم کي شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي ۽ پينڊورا پيپرز ۾ شامل پاڪستاني ماڻهن بابت بريفنگ ڏني.

اجلاس ۾ پينڊورا پيپرز ۾ شامل پاڪستاني شهرين خلاف جاچ جي حوالي سان تجويزن تي پڻ غور ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پينڊورا ليڪس جي جاچ لاءِ وزيراعظم معائني ڪميشن تحت هڪ اعليٰ سطحي سيل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو پينڊورا ليڪس ۾ شامل سڀني ماڻهن کان جواب طلب ڪندو، جاچ کانپوءِ معائني ڪميشن جو سيل حقيقتون قوم سامهون رکندو.

واضح رهي ته سڄي دنيا جي اهم شخصيتن جي ڳجهن مالياتي معاملن تي انٽرنيشنل ڪنسورشيم آف انويسٽيگيٽو جرنلسٽس (آءِ سي آءِ جي) جي هڪ وڏي عالمي تحقيق ”پينڊورا پيپرز“ جي نالي سان جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ 700 کان وڌيڪ پاڪستانين جا نالا پڻ شامل آهن.

Read Previous

پينڊورا پيپرز ۾ 700 کان وڌيڪ پاڪستانين جون آف شور ڪمپنيون نڪري آيون

Read Next

”مهانگائيءَ ۾ غريب کي تڪليف کان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون“

Most Popular