”مهانگائيءَ ۾ غريب کي تڪليف کان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون“

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پيٽرول تي سيلز ٽيڪس ۽ ليوي هيٺ آندي آهي، اسان قرضن باوجود عوام تي گهٽ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.

ڪامياب پاڪستان پروگرام جي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان کي اهو پروگرام 74 سال اڳ شروع ڪرڻ گهربو هو، مديني جي رياست جو ماڊل دنيا جو ڪامياب ترين ماڊل آهي، اهو ماڊل اسان لاءِ مشعل راهه آهي.

هن چيو ته 5 سال اڳ جو چين ڏسو ۽ اڄوڪو چين آسمان تي پهچي ويو آهي، چين پنهنجي هيٺئين طبقي کي مٿي آڻڻ لاءِ قدم کنيا، مديني جي رياست ۾ به اڳ فلاحي رياست قائم ٿي پوءِ خوشحالي آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان جو سسٽم ئي اشرافيا لاءِ ٺهيل آهي، ماضي ۾ غلط معاشي پاليسيون اختيار ڪيون ويون، هڪجهڙي تعليمي نصاب تي ڪڏهن ڪنهن ڪم نه ڪيو، اسان پيٽرول تي سيلز ٽيڪس ۽ ليوي هيٺ آندي آهي، ڀارت ۾ هن وقت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت پاڪستان کان ٻيڻي آهي.

Read Previous

پينڊورا ليڪس: وزيراعظم عمران خان جو اهم فيصلو

Read Next

حڪومت عوام جي کَل لاهڻ ۾ ڪا ڪَسر نه ڇڏي، بجلي وڌيڪ مهانگي

Most Popular