حڪومت عوام جي کَل لاهڻ ۾ ڪا ڪَسر نه ڇڏي، بجلي وڌيڪ مهانگي

عوام تي هڪ ٻيو مهانگائيءَ جو بم ڪيرائيندي بجلي وڌيڪ مهانگي ڪئي وئي آهي.

حڪومت طرفان پيٽرول کانپوءِ عوام کي بجلي جو وڏو جهٽڪو هنيو ويو آهي ۽ نيپرا طرفان بجلي جا اگهه وڌايا ويا آهن.

نيپرا بجلي هڪ سال لاءِ هڪ رپيو 72 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ بجلي جو في يونٽ 16.44 مان وڌي 18.16 رپيا ٿي ويو آهي ۽ ان فيصلي سان واهپيدارن تي 90 ارب رپين جو بار پوندو.

نيپرا طرفان بجلي اگهن ۾ واڌ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي قيمت ۾ تازي واڌ 20-2019 ۽ 21-2020 جي ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي، اهو فيصلو 300 يونٽ کان وڌيڪ استعمال ڪندڙن تي لاڳو ٿيندو، 80 سيڪڙو واهپيدار ماهوار 300 يونٽ کان وڌيڪ استعمال ڪن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ملڪ ۾ مهانگائيءَ تي حڪومت جون وضاحتن مٿان وضاحتون

نيپرا طرفان چيو ويو آهي ته اها واڌ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي.

واضح رهي ته تازو حڪومت آڪٽوبر مهيني جي 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي اگهه ۾ وڌيڪ 4 رپيا في ليٽر واڌ جو اعلان ڪيو هو.

جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو هو ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ ٻه رپيا، لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 8 رپيا 82 پئسا، گاسليٽ جي قيمت ۾ في ليٽر 7 رپيا 5 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي.

Read Previous

”مهانگائيءَ ۾ غريب کي تڪليف کان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون“

Read Next

ڪورونا ويڪسينيشن لاءِ نواز شريف جي نالي جي هڪ ٻي انٽري سامهون اچي وئي

Most Popular