پنوعاقل شهر جي مصطفائي چوڪ تي ٻن نوجوانن مير خان ڪوري ۽ سندس ڀاءُ لاهور واسي عورت رخسانو ملڪ اعواڻ مٿان تشدد ڪيو

پنوعاقل ( رپورٽ:طفيل آفتاب ڪورائي ) پنوعاقل شهر جي مصطفائي چوڪ تي ٻن نوجوانن مير خان ڪوري ۽ سندس ڀاءُ لاهور واسي عورت رخسانو ملڪ اعواڻ مٿان تشدد ڪيو، تشدد دوران علائقي واسي وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا عورت کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي، جنهن بعد اطلاع تي پوليس پهچي ٻن نوجوانن کي گرفتار ڪري عورت کي ٿاڻي تي آندو ويو جتي گرفتار مير خان ڪوري ميديا کي ٻڌايو ته لاهور واسي عورت رخسانه ملڪ اعواڻ کي وارثن کان 3 ڏينهن اڳ 2 لک 80 هزار روپين ۾ خريد ڪري شادي ڪئي هئي اڄ هن کي ڊاڪٽرياڻي کان چڪاس لاءِ اسپتال وٺي آيس ته عورت واپس گهر هلڻ کان انڪار ڪيو جنهن بعد کيس زبردستي رڪشي ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي ته جهيڙو ٿي پيو، هوڏانهن عورت رخسانه ملڪ اعواڻ ٻڌايو ته مان لاهور کان روهڙي درگاهه صدرالدين بادشاهه تي آئي هئيس جتي مير خان ڪوري جي زال ۽ ڀائرن مونکي درگاهه تان کڻي زبردستي هٿيارن جي زور تي نڪاح مٿان نڪاح ڪرايو آهي هن چيو ته منهنجو اڳ چائنيز رنشي خو سان پرڻو ٿيل آهي کيس واپس اڳوڻي مڙس ڏانهن وڃڻ چاهيان ٿي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او الهوڌايو پتافي ٻڌايو قانوني ڪاروائي مڪمل ڪرڻ بعد عورت کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

Read Previous

ياسره رضوي جون زنجيرن ۾ جڪڙيل تصويرون وائرل

Read Next

اسان آمرن جو مقابلو ڪيو، هي هٿ ٺوڪيو ڪهڙي شئي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular