ياسره رضوي جون زنجيرن ۾ جڪڙيل تصويرون وائرل

سوشل ميڊيا تي اداڪارا ۽ شاعرا ياسرا رضوي جون زنجيرن ۾ جڪڙيل تصويرون وائرل ٿيون آهن.

انسٽاگرام تي اداڪارا ياسرا رضوي طرفان زبردستي شادين جي روڪٿام ۽ طلاق ٿيڻ واري شرمندگي بابت ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون آهن.

مختلف تصويرن ۾ ياسرا رضوي کي ڪنوار جو ڳاڙهو لباس پهريل آهي، هٿن ۾ ميندي لڳل آهي ۽ زنجيرن ۾ جڪڙيل ويٺل ڏسي سگهجي ٿو.

اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته شادي ڪرڻ يا نه ڪرڻ ڪنهن به انسان جي زندگي جو ذاتي فيصلو آهي، ڪنهن سان، ڪيئن ۽ ڇو اهو فيصلو ڪرڻ به هر انسان جو بنيادي حق آهي جيڪڏهن اهو فيصلو ڪرڻ ۾ ڪا غلطي ٿي وڃي ۽ پنهنجي مرضي سان ڪيل شادي به هڪ ناخوشگوار تجربو بڻجي وڃي ته انکي ختم ڪرڻ به هر انسان جو بنيادي حق آهي.

اداڪارا جو چوڻ هو ته اهو ڪو اولهه جو ايجنڊا ناهي پر اهو شخصي آزادي آهي جيڪو هر مذهب ۽ هر قانون ڪامن سينس تحت سڀني ماڻهن کي ڏئي ٿو ڇو ته ڪنهن به شادي جا سڀ کان گهرا اثر شادي ڪندڙن تي ئي پوندا آهن.

اداڪارا جبري شادين ۽ طلاق انساني حقن تي هڪ حملو قرار ڏنو ۽ انهن جي روڪٿام جو مطالبو به ڪيو.

Read Previous

ڪابل ۾ طالبان جو آپريشن، داعش جا ويڙهاڪ ماريا ويا

Read Next

پنوعاقل شهر جي مصطفائي چوڪ تي ٻن نوجوانن مير خان ڪوري ۽ سندس ڀاءُ لاهور واسي عورت رخسانو ملڪ اعواڻ مٿان تشدد ڪيو

Most Popular