اسان آمرن جو مقابلو ڪيو، هي هٿ ٺوڪيو ڪهڙي شئي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان آمرن جو مقابلو ڪيو، هي هٿ ٺوڪيو عمران خان ڪهڙي شئي آهي.

ايل اي ڪوٽلي 05 جي ضمني چونڊ جي سلسلي ۾ جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام ڌانڌلي جو مقابلو ڪيو آهي، پ پ جا جيالا آخري جنگ لاءِ تيار آهن، اسان عمران خان جي هٿ ٺوڪي حڪومت جو مقابلو ڪري رهيا آهيون، اسان ته آمرن ۽ ظالمن جو مقابلو ڪيو هي هٿ ٺوڪيو ڪهڙي شئي آهي.

هن چيو ته وفاق ۽ پنجاب جيان ڪشمير ۾ به هٿ ٺوڪي حڪومت آهي، موجوده حڪومت عوام ۽ غريب جي دشمن آهي، ڪٿي آهن عمران خان جون هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر؟ 10 آڪٽوبر تي آزاد ڪشمير ۾ عوام تيز تي ٺپو هڻي ان نااهل کان حساب وٺي.

سندس چوڻ هو عمران خان واعدا ڪيا ته سائي پاسپورٽ جي عزت ڪرائينداسين، ٻاهريان ماڻهو پاڪستان اچي نوڪريون ڪندا، حقيقت ۾ حڪومت پنهنجو ڪو واعدو پورو ناهي ڪيو.

Read Previous

پنوعاقل شهر جي مصطفائي چوڪ تي ٻن نوجوانن مير خان ڪوري ۽ سندس ڀاءُ لاهور واسي عورت رخسانو ملڪ اعواڻ مٿان تشدد ڪيو

Read Next

مريم نواز ايون فيلڊ ريفرنس تي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ورتي

Most Popular