مريم نواز ايون فيلڊ ريفرنس تي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ورتي

مريم نواز

مسلم ليگ نون جي نائب صدر مريم نواز ايون فيلڊ ريفرنس ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ متفرق درخواست داخل ڪئي آهي.

مريم نواز طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته انکي ان ريفرنس ۾ سزا پوليٽيڪل انجنيئرنگ ۽ قانون جي سنگين ڀڃڪڙين جو ڪلاسيڪل مثال آهي. سپريم ڪورٽ ڪيس جي جاچ کي سپروائيز ڪيو، هڪ طريقي سان ان ڪيس ۾ سڄي عمل تي ضابطو ئي ڪري ورتو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جو آئين ۾ ڪردار نه جاچ ڪندڙ جو آهي ۽ نه ئي پراسيڪيوٽر جو، شريف خاندان خلاف ڪيسن تي اثر انداز ٿيڻ جو ثبوت ارشد ملڪ جي وڊيو به آهي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جج احتساب عدالت جي نوٽيس ۾ اهي حقيقتون ڇو نه آيون؟ اها ته انهن کي ئي خبر هوندي.

واضح رهي ته احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي 11 ۽ ان جي ڌيءَ مريم نواز کي 8 جڏهن تي نِياڻَي ڪيپٽن (ر) صفدر کي هڪ سال جي سزا ٻڌائي آهي.

Read Previous

اسان آمرن جو مقابلو ڪيو، هي هٿ ٺوڪيو ڪهڙي شئي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

وفاقي ڪابينا جو ايندڙ عام چونڊون نئين مردم شماري تحت ڪرائڻ جو فيصلو

Most Popular