سجاول ۾ وڏي وزير جي حڪم تي صوبائي وزيرن جي کلي ڪچهري بدنظمي جو شڪار

سجاول(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)سجاول ۾ وڏي وزير جي حڪم تي صوبائي وزيرن جي کلي ڪچهري بدنظمي جو شڪار، جھيڙو پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ۽ شيرازين جي حامين ۾ تلخ قلامي بعد جهيڙو لتن مڪن ۽ ڪرسين جو آزادانہ استعمال ڪيو ويو صوبائي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو سميت ۽ معاون خصوصي لياقت آسڪاڻي جي سجاول ۾ جاري کلي ڪچهري ۾ پ پ ڪارڪنن ۽ شيرازين جي حامين مسئلن جو ذميوار هڪٻئي جي قيادت کي قرار ڏيندي الزام تراشي شروع ڪري ڏني جنهن دوران جهيڙو ٿي پيوجهيڙي ۽ بدنظمي سبب کلي ڪچهري ختم ڪري صوبائي وزير رسول بخش چانڊيو روانو ٿي ويو.کلي ڪچهري ۾ سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانہ لغاري ايم اين اي اياز شاھ شيرازي ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي ۽ ايم پي اي شاھ حسين شاھ، ايم پي اي ھير سوھو سميت پارٽي جا ضلعي اڳواڻ موجود هئا.جهيڙو شروع ٿيندي ئي پ پ ۾ شامل ٻنهي ڌرين جا اڳواڻ ۽ اسيمبلي ميمبر بہ پاڻ بچائي نڪري هليا وياـکلي ڪچهري ۾ ڊپٽي اسپيڪر ريحانہ لغاري جي حامين شيرازين تي تنقيد ڪئي جنهن تي صوبائي صلاحڪار چيو ته توهان ڪنهن تي ذاتي تنقيد نه ڪريو توهان جا جائز مسئلا ٻڌايو جيڪي حل ڪيا وڃن.جنھن بعد ڊپٽي اسپيڪر جي ماڻهو ٻيھر شيرازين جي ذاتيات تي تنقيد ڪئي.جنهن بعد شيرازي جي حامين ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي ماڻهن ۾ جھڙو ٿي پيو جنهن بعد پ پ ايم اين اي اياز شاه شيرازي,ايم پي اي شاه حسين شاه شيرازي,نصيرشاھ شيرازي,احسان شاه شيرازي وچ ۾ پئي ڪري پنهنجي ماڻهن کي ڪڍي ڪري جھڙو ختم ڪرائي ڇڏيو.سابق ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاه شيرازي چيو ته جھيڙي جا ذميوار پي پي سجاول جي ضلعي قيادت آھي،الزام ھڻندڙ مراد چانڊيو ڏوھي ڪرمنل رڪارڊ رکندڙ آھي، جيڪو قتل ڪيس ۾ بہ گرفتار ٿيو ھو.ھن وڌيڪ چيو ته اسان ھميشا عوام جي خدمت ڪرڻ تي يقين رکيوڀآھي سجاول ضلعي جي خدمت ڪئي آھي جنهن جو ثبوت اھو آھي ته سجاول ضلعي جا ماڻھو ھميشا اسان کي منتخب ڪري اسميبلي ۾ موڪلين ٿا.ڪن ماڻهن کي اھا ڳالهه ھضم نٿي ٿئي جو اھڙا ماڻهو پگھار تي وٺي ذاتيات تي حملا ڪرائن ٿا.ھيٺين کي اسان مڃون نٿا مٿي اعلي قيادت کي شڪايت ڏينداسين جنهن بعد ڪو فيصلو ڪيو ويندو.ھوڏانھن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پ پ ضلعي قيادت ۽ شيرازي ڀائرن جو ڌار ڌار اجلاس ڪوٺايو ويو ھو جنهن ۾ متسقبل جي لاء فيصلو ڪيو ويندو.

Read Previous

لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ شير محمد ڀٽو جي رهواسي عورتن طرفان پاڪ ڪتاب کڻي سيوهڻ پوليس هٿان مبينا کنڀي گم

Read Next

ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد بدلي، ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر

Most Popular